ميسي جي هيٽ ٽرڪ، ارجنٽينا جي فتح ۽ ريڊ ڪارڊ جو تماشو

ميسي جي هيٽ ٽرڪ، ارجنٽينا جي فتح ۽ ريڊ ڪارڊ جو تماشو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فٽبال جي وڏن ستارن لاءِ اهو هڪ يادگار ڏينهن هو. پر ايتري ساري اسٽار پاور جي باوجود، ليونل ميسي هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني کان مٿي رهيو.
ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪيليان ايم باپي۽ارلنگ هالينڊ ورلڊ ڪپ ۾ ٻه ٻه گول ڪري پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا هئا، ۽ پوءِ سڀني جون نظرون ميسي تي اچي بيٺيون. پر هي ڪو معاون ڪردار نه هو، هي اصل تماشو هو ــ ميسي جو تماشو.
سندس ورلڊ ڪپ ۾ پهرين هيٽ ٽرڪ، ورلڊ ڪپ ۾ رڪارڊ جي برابر 16 هون گول، ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثبوت ته عمر وڌڻ باوجود هو اڃا به ختم نه ٿيو آهي. ارجنٽينا الجزائر کي 0-3 تان شڪست ڏني، ۽ ميسي هر اهم لمحي جو مرڪز رهيو.
جڏهن ڪنساس سٽي جي افق پويان سج لهڻ لڳو ته 38 ورهين جو ميسي تاريخ جو پهريون رانديگر بڻجي ويو جنهن ڇهن ورلڊ ڪپن ۾ شرڪت ڪئي، ۽ هن پنهنجي حريف ڪرسٽيانو رونالڊو کي هڪ ڏينهن جي فرق سان پوئتي ڇڏي ڏنو.
جرمني 2006 ۾ 18 سالن جي عمر ۾ پنهنجي ورلڊ ڪپ جي شروعات کان ٺيڪ ويهه سال پوءِ، فٽبال جي هن عظيم سپر اسٽار پنهنجي ملڪ لاءِ 200هين ميچ ۾ به ساڳي تيزي ۽ مهارت جو مظاهرو ڪيو.
سندس پهرئين گول کان پوءِ ٿوري پريشاني ضرور پيدا ٿي جڏهن اڌ ڪلاڪ کان ٿورو پوءِ سندس بوٽن جا اسٽڊز الجزائر جي رانديگر عيسيٰ منڊي جي کڙيءَ سان لڳا، پر ريفري ريڊ ڪارڊ نه ڏيکاريو ۽ ڪو به قدم نه کنيو ۽ ارجنٽيني اسٽار ان جو پورو فائدو ورتو.
ميچ کان پوءِ ميسي چيو: “پنهنجي خاندان، ساٿين ۽ انهن ماڻهن سان، جيڪي هميشه مون سان گڏ رهيا آهن، هي لمحو شيئر ڪرڻ انتهائي خوبصورت احساس آهي.
هي اسڪواڊ تمام متحد ۽ مضبوط آهي. مان پاڻ کي سٺو محسوس ڪريان ٿو. اسان هڪ ڏکئي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ۽ پهرين ميچ ۾ فتح سان شروعات ڪرڻ تمام اهم هو.
مان مداحن جو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ ته هنن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته ارجنٽينا هن راند لاءِ ديوانو آهي. اسان ٻيهر اسٽيڊيم ڀري ڇڏيو.
هاڻي جيڪي ڪجهه مان محسوس ڪري رهيو آهيان، اهو سڀ اضافي نعمت آهي. مون کي پنهنجي زندگيءَ جا سڀ خواب، بلڪه انهن کان به وڌيڪ حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.”
ارجنٽينا جي هيڊ ڪوچ ليونل اسڪيليني چيو: “ميسي کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن. ويهن سالن کان هو اسان کي اهڙا منظر ڏيکاري رهيو آهي ۽ هر ڏسندڙ لاءِ الهام جو ذريعو بڻيل آهي.”
“ميسي جشن ائين ملهائي رهيو هو ڄڻ هي سندس پهريون ورلڊ ڪپ گول هجي”
ميچ جي شروعات ۾ ئي ميسي پنهنجي ارادن جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
صرف چار منٽن کان پوءِ هن الجزائر جي گول ڪيپر لوڪا زيدان کي شڪست ڏئي بال نيٽ ۾ موڪليو، پر آف سائيڊ جي جهنڊي سبب گول رد ٿي ويو. مداحن جو ردعمل اهڙو هو ڄڻ ارجنٽينا ورلڊ ڪپ کٽي ورتو هجي.
18هين منٽ ۾ ميسي جو اصل لمحو اچي ويو. 25 گز جي فاصلي تان هن پنهنجي کاٻي پير سان زبردست شاٽ هنيو، جيڪو گول جي ساڄي مٿئين ڪنڊ ڏانهن ويو.
گول ڪيپر لوڪا زيدان ــ جيڪو فرانسيسي ڏند ڪٿا زائيڊائين زيدان جو پٽ آهي ــ ٻنهي هٿن سان بال کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شاٽ تمام گهڻي طاقتور هئي.
ڪنساس سٽي اسٽيڊيم ۾ شور مچي ويو ۽ ارجنٽيني مداحن خوشيءَ سان جشن ملهائڻ شروع ڪيو. اهو ميسي جو ورلڊ ڪپ ۾ 14هون گول هو ۽ هڪ تاريخي شام جي شروعات پڻ.
اڳوڻي ايورٽن مڊفيلڊر ليون عثمان چيو: “ميسي جشن ائين ملهائي رهيو آهي ڄڻ هي سندس پهريون ورلڊ ڪپ گول هجي. سندس صلاحيت ڏسي لڳي ئي نٿو ته هو عمر ۾ وڏو ٿي رهيو آهي.”
عمر ميسي جي صلاحيتن کي متاثر نه ڪري سگهي
پنهنجي پهرين ورلڊ ڪپ ميچ کان ٻه ڏهاڪا پوءِ، ۽ ورلڊ ڪپ جي رڪارڊ 27هين ميچ ۾، ميسي اڃا به پنهنجي عمر کي مات ڏئي رهيو هو. هو سڄي ميچ دوران مسلسل ساٿين کي ڳولي رهيو هو، راند جا ايندڙ قدم اڳواٽ محسوس ڪري رهيو هو ۽ خطرناڪ حملن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.
60هين منٽ ۾ هن پنهنجو ٻيو گول ڪيو. لوڪا زيدان جي وڏي غلطي سبب بال ميسي وٽ پهتي ۽ هن هميشه وانگر ٿڌي دماغ سان بال نيٽ ۾ پهچائي ڇڏي.
ان سان هو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي گڏيل ٽاپ اسڪورر ٿيڻ کان صرف هڪ گول پري رهجي ويو. ساڳئي وقت هو ورلڊ ڪپ ۾ ٻه گول ڪندڙ سڀ کان وڏي عمر وارو رانديگر به بڻجي ويو.
35 سال جي عمر کان پوءِ ميسي ورلڊ ڪپ ۾ 10 گول ڪري چڪو آهي، جيڪي مجموعي طور تي هيري ڪين۽ ڊياگو ميرا ڊونا ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ٿيري هينري جي ورلڊ ڪپ گولن کان به وڌيڪ آهن.
تاريخي لمحو
76هين منٽ ۾ متبادل رانديگر نيڪو گونزاليس جي پاس تي ميسي پنهنجي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي. اهو ڄڻ قسمت ۾ لکيل هو.
ان سان هو جرمني جي Miroslav Klose ميروسلاو ڪلوز جي ورلڊ ڪپ فائنلز ۾ سڀ کان وڌيڪ 16 گولن واري رڪارڊ جي برابر اچي ويو.
هٿ مٿي کڻي، آسمان ڏانهن نهاريندي ۽ هزارين ارجنٽيني مداحن جي نعريبازي وچ ۾ هن ان لمحي جو لطف ورتو. اسٽيڊيم شور سان گونجي رهيو هو.
جڏهن کيس ميدان مان تبديل ڪيو ويو ته سڄو اسٽيڊيم بيهي کيس خراج تحسين پيش ڪري رهيو هو ۽ سندس نالو هر پاسي گونجي رهيو هو. فائنل وسل کان پوءِ به هزارين ارجنٽيني مداح جشن جاري رکڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ موجود رهيا.
نيري ۽ اڇي رنگ جي جهنڊن جو سمنڊ نظر اچي رهيو هو. ڪيترن مداحن جي جرسيءَ تي ميسي جو نالو لکيل هو ۽ ڪيترن پنهنجي جسم تي سندس تصوير جا ٽيٽو ٺهرائي رکيا هئا. انهن لاءِ ميسي صرف هڪ رانديگر نه، پر هڪ هيرو، هڪ آئيڊل ۽ قومي فخر جي علامت آهي.
ڇا ميسي ريڊ ڪارڊ کان بچي ويو؟
پهرين هاف ۾، جڏهن ارجنٽينا 0-1 تان اڳتي هئي، ميسي جي هڪ غلطي سان مخالف رانديگر جي کڙي تي پير اچڻ سبب ميچ جو رخ مختلف به ٿي سگهي پيو.
سندس بوٽن جا اسٽڊز منڊي جي پنڊليءَ جي پٺئين حصي سان لڳندا نظر آيا، پر ريفري Szymon Marciniak ۽ وي اي آر ٻنهي ان تي وڌيڪ ڪارروائي ضروري نه سمجهي.
اڳوڻي مانچسٽر سٽي جو ڊفينڊر محافظ نيدم اونوها اي ايس پي اين کي ٻڌايو: “اهو ريڊ ڪارڊ هجڻ گهرجي ها. اهو لمحو نظرانداز ٿي ويو.”
جڏهن ته فرانس ۽ آرسنل جي اڳوڻي اسٽرائيڪر ٿيري هينري چيو: “ارادو تمام اهم هوندو آهي. ٻيهر ڏسڻ سان واضح آهي ته ميسي جي نظر بال تي هئي ۽ هو صرف راند جي هڪ حرڪت ڪرڻ چاهي رهيو هو، ڪنهن کي نقصان پهچائڻ نه.
ها، ٽڪر ٿيو. ها، منظر عجيب لڳي ٿو. پر هر ٽڪر ريڊ ڪارڊ جو مستحق نه هوندو آهي.” سپر اسٽارن سان ڀريل ان ڏينهن ۾ به، عمر کي مات ڏيندڙ ارجنٽيني جادوگر ليونل ميسي سڀني کان مٿانهون نظر آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو