مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشنل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو

مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشنل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اعلان ڪيو آهي ته نوجوان تاجر مير رضا عليءَ جي موت واري معاملي جي شفاف جاچ لاءِ جوڊيشنل ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.مير رضا ڪيس بابت اڄ وڏي وزير سان ملاقات ٿي، گهرو وزير ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ هائيڪورٽ جي ججن جي نگرانين واري جوڊيشنل ڪميشن ذريعي ڪرائي ويندي. ٻن متبادل ميڊيڪل رپورٽن جو جائزو پڻ ڪميشن وٺندي ۽ متضاد رپورٽن بابت حتمي فيصلو ڪميشن يا عدالت تي ڇڏيو ويندو. ضياءُ الحسن لنجار اعتراف ڪيو ته شروعات ۾ ڪرائم سين کي گهربل طريقي سان محفوظ نه ڪيو ويو هو. هن چيو ته حڪومت مڪمل غير جانبدار رهي حقيقت سامھون آڻڻ چاهي ٿي. ايمانداراڻا قدم کڻندي تفشيشي ٽيم تبديل ڪري ڊي آءِ جي عامر فاروقيءَ کي نئون سربراهه بڻايو ويو آهي، جڏهن ته مقتول جي فئملي جنهن به آفيسر تي اعتماد ظاهر ڪندي کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته هينئر تائين واقعي پويان ڪنهن هاءِ پروپائل شخصيت جو هٿ هجڻ بابت ثبوت ناهن مليا.

پهنجو تبصرو موڪليو