رضا علي جي قبر ڪشائي واري درخواست منظور

رضا علي جي قبر ڪشائي واري درخواست منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت مير رضا علي جي قبر ڪشائي واري درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت طرفان سيڪريٽري صحت کي ٽيم جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت حڪم ڏنو ته جيترو جلدي ٿي سگهي مير رضا جي قبر ڪشائي ڪرائي وڃي ياد رهي ته پاڪستان ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي (پي اي سي ايڇ ايس) جي رهاڪو مير رضا علي جي پيءُ مير حسين پٽ جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.سٽي ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي مير حسين چيو آهي ته مير رضا جي ٻيهر پوسٽ مارٽم لاءِ درخواست دائر ڪنداسين.هن چيو آهي ته پوليس جي هيل تائين جي تفتيش ۽ ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ کي رد ڪريون ٿا، رپورٽ مان اندازو ڪري رهيا آهيون ته ڪهڙي تفتيش ٿي رهي آهي، ڪڏهن مالي مسئلن جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڪڏهن ڪجھ ٻيو.مير رضا عليءَ جي پيءُ چيو آهي ته منهنجي پٽ تي قرض هو ته سڄي ملڪ تي به قرض آهي، اسان قتل جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون پر تفتيش ڪجھ ٻي ٿي رهي آهي.سندس چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ڇو غائب آهي، پوليس هنوز اسان جو بيان رڪارڊ ناهي ڪيو، پوليس اسان سان ڪجھ ٻي ڳالهه ڪري ٿي ۽ ٻاهر ڪجھ ٻيو، ميڊيا تي خبر هلڻ کانپوءِ پوليس کان رپورٽ گهري سين ته ملي، اسان پهريان ئي تڪليف ۾ آهيون اسان کي انصاف گھرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو