ڪراچي (رپورٽر): تاجر مير رضا عليءَ جي والدين جي وڪيل ۽ معروف قانون دان جبران ناصر وڏو بيان ڏيندي چيو آهي ته رضا جي وارثن حڪومت کان نه ته ڪنهن عدالتي/جوڊيشنل ڪميشن قائم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ نه ئي ان تي ڪائي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.وڪيل جبران ناصر چيو ته هن مرحلي تي جڏهن نئين تفشيشي ٽيم جوڙي وئي آهي، اسان کي ڪنهن به عدالتي ڪميشن جي ڪائي ضرورت ناهي. هن ٻڌايو ته نئين جوڙيل تفشيشي ٽيم (JIT) سان مقتول جا وارث اڄ ئي ملاقات ڪندا تاڪه جاچ آڳتي وڌائي سگهجي.مقتول رضا جي والد جي وڪيل سندھ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت “سهولتڪاري” يا مدد جي نالي تي ڪيس ۾ نيون الجھنون ۽ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ شفاف جاچ تي ڌيان ڏئي.










