اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ملڪ جا ميداني علائقا گهڻ ڪوهيڙي ۾ ڍڪيل آهن، جنهن ڪري پروازون متاثر ٿيون آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي موٽر وي ٽريفڪ لاءِ بند آهن.موٽر وي پوليس موجب، پشاور کان رشڪئي تائين موٽر وي M1 ۽ فيض پور کان درخانه تائين موٽر وي M3 گهڻ ڪوهيڙي سبب بند آهن.موٽر وي پوليس چيو ته پنڊي ڀٽيان کان شير شاهه تائين موٽر وي M4 ۽ روهڙي کان شير شاهه تائين موٽر وي M5 بند آهن.ان کان علاوه، لاهور کان سمبڙيال تائين موٽر وي M11، ڪوٽ بيليان کان عيسيٰ خيل تائين موٽر وي M14 ڪوهيڙي سبب بند آهن.










