ميجر جنرل جي عهدي تان 4 آفيسرن کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي فوجي ترجمان ٻڌايو آهي ته آرمي جي 4 ميجر جنرل جي عهدي وارن آفيسرن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ٿري اسٽار جنرل طور پروموٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ ميجر جنرل محمد عامر، ميجر جنرل محمد چراغ، ميجر جنرل نديم احمد انجم ۽ ميجر جنرل خالد ضيا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو