ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف بلاول هائوس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان تفصيلي ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران سنڌ ۾ برسات جي تباه ڪارين سوڌو ملڪي سياسي صورتحال تي اهم ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وڏو وزير مراد مراد علي شاهه، نثار کهڙو، نويد قمر، فرحت الله بابر، وقار مهدي ۽ عاجز ڌامراهه موجود هئا، نواز ليگ جي وفد ۾ احسن اقبال، مريم اورنگزيب، محمد زبير، رانا مشهود ۽ شاهه محمد شاهه شامل هئا.

ملاقات بعد احسن اقبال، نويد قمر ۽ فرحت الله بابر بريفنگ ڏيندي چيو ته صدارتي نظام جي ڪا ضرورت ناهي سڀني جرنيلن ان نظام ذريعي حڪومت ڪئي ۽ ملڪ ٽوڙيو. بابر چيو ته لاپته ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ وزيراعظم جي مشير عام سليم باجوا تي لڳل سنگين الزامن جو اطمينان بخش جواب ڏنو وڃي، حڪومت جي خاموشي احتساب سان مذاق آهي. هنن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو آهي اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪنداسين ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙينداسين. احسن اقبال چيو ته وزيراعظم جي مشير بابت سامهون آيل ثبوتن جي جاچ ڪريو ته اهي ڪرپشن سبب ٺهيا يا ڪيئن ٺهيا.










