ميانمار زلزلي سبب 334 ايٽم بمن برابر توانائي پيدا ٿي

ميانمار زلزلي سبب 334 ايٽم بمن برابر توانائي پيدا ٿي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)زميني علم يعني ارضيات جي ماهر جيس فينڪس سي اين اين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ميانمار ۾ آيل 7.7 شدت جي زلزلي سبب 300 ايٽم بمن کان به وڌيڪ توانائي پيدا ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جي ڪيلڪوليشن موجب 334 ايٽم بمن برابر زلزلي جي جهٽڪي سان توانائي پيدا ٿي آهي. هن خبردار ڪيو ته زلزلي جا جھٽڪا ڪجهه مهينن تائين جاري رهي سگهن ٿا، ڇو ته ڀارت جي ٽيڪٽونڪ پليٽ ميانمار جي هيٺان يوريشيائي پليٽ سان ٽڪرائجي رهي آهي۔ جيس فينڪس چيو ته ميانمار ۾ تباهي ملڪ جي خانه جنگي کان به وڌيڪ بدتر ٿي سگھي ٿي۔ ميانمار گذريل 4 سالن کان گهرو جنگ جو شڪار آهي، جيڪا هڪ خونريز ۽ اقتصادي طور تي تباهه ڪندڙ فوجي بغاوت کانپوءِ شروع ٿي، ان نتيجي ۾ فوج ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بغاوت ڪندڙ گروپن سان وڙهندي رهي آهي۔ اهو تڪرار ۽ مواصلاتي بندش عالمي برادري کي زلزلي جي اصل اثرن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي۔ مقامي اختيارين موجب، ميانمار ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1,000 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو