ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شهر ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شهر ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب شهر ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جا سمورا لاڳاپيل ادارا 24 ڪلاڪ کليل رهندا.هن چيو ته انڊر پاسن ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي، ڪوشش ڪئي وڃي ته برساتن دوران انڊر پاسن ۾ پاڻي بند نه ٿئي.ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شهيد منصور سهروردي انڊر پاس ۽ شاهراهه فيصل تي پمپنگ اسٽيشن سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم انڊر پاسز جو دورو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو