ميئر شپ ڪيڪ ناهي ته جماعت اسلامي کي پليٽ ۾ رکي ڏيون: سعيد غني

ميئر شپ ڪيڪ ناهي ته جماعت اسلامي کي پليٽ ۾ رکي ڏيون: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ميئر شپ ڪو ڪيڪ ناهي جيڪو پليٽ ۾ رکي جماعت اسلامي کي پيش ڪيو وڃي.هڪ بيان ۾ سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي کي جمهوري سوچ اختيار ڪرڻ گهرجي، بدمعاشي جي ڌمڪين جو دور گذري ويو آهي.سعيد غني جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي ڪراچي ۾ ايم اين اي يا ايم پي اي نه چونڊيو آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي آمرن جي دور ۾ ئي ميئر شپ تي قبضو ڪيو.هن جو اهو به چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جو ٻيهر ڳڻپ جو خوف سوال اٿاري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو