ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر جي چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏيارڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏئي رهيا آهيون جيڪو اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ چونڊ صحيح ناهي ڪرائي سگهيو اهو پاڪستان ۾ ڇا ڪندو اليڪشن ڪميشن ۽ پي پي ٻئي هڪ ٻئي جا سهولتڪار آهي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀ ڄاڻين ٿا انسانن کي گم ڪري قوم سان مذاق ڪئي وئي جماعت اسلامي جعلي مينڊيٽ کي قبول نه ڪندي ادارا نورالحق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ڪراچي جي ميئر مرتصيٰ وهاب جي حوالي سان سوال اٿاريو ته جيڪو هاڻي ميئر ٿيو آهي اهو ايدمنسٽريٽر به هو هن ان وقت ڪهڙو ڪم ڪيو هو هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو ته جيئن ڪراچي ۾ کٽيو آهي تيئن ئي پوري پاڪستان ۾ کٽنداسين بلاول جي ان ڳالهه سان پاڪستان ۾ خوف ڇانئجي ويو ته ڪيترا ماڻهو هاڻي گم ٿيندا اسان ڪيترائي ڀيرا قوم اڳيان حقيقتون رکيون آهن انهن سڀني گڏجي جي عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي آهي حافظ نعيم الرحمان چيو ته سنڌ ۾ عوام جو جيڪو حال آهي اهو سڀني جي سامهون آهي سنڌ جي حد ۾ ۽ حد کان ٻاهر زمين ۽ آسمان جو فرق آهي هن چيو ته 50 سالن کان هي ماڻهو حڪومت ۾ آهن 15 سالن کان هي پي پي مستقل سنڌ حڪومت ۾ آهي پي پي جي ڪل ڪارڪردگي تعليم ۽ صحت ۾ ڇا آهي؟ ڪرپشن ۾ پي پي جو ليول ئي الڳ آهي هن وقت ڪراچي ۾ زمينن جي قبضي تي ان جو نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو آهي حافظ نعيم الرحمان چيو ته بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڪي فور رٿا بنديادي طور تي سنڌ حڪومت کي ڪرڻي هئي هي رٿا هن وقت تائين مڪمل ڇو ناهي ٿي ميئر شپ تي به قبضو ڪيو ويو ڪي فور تي هن وقت تائين 25 کان 30 ارب رپيا ضايع ٿي چڪا آهن هن چيو ته ڪراچي کي 15 سالن ۾ ڇو گرين نه ڪيو ويو اسان جي ٽيڪسز جو پئسو آهي اوهان اسان جا ئي پئسا وٺي ڪرپشن ڪندا؟ هي ڪرپشن جو ڌنڌو وڌندو پيو وڃي ٻوڏ جا پئسا به اوهان کائي ڇڏيا آهن اسان ٽيڪس ڏيون ٿا ته وفاق ۽ صوبي جو بجيٽ تيار ٿئي ٿو حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان هي حق رکون ٿا ته وڏيرن کان سوال ڪريون ته ڪم ڇو ناهي ٿيو مرتصيٰ وهاب ته صلاحڪار به هو ته ڪم ڇو ناهي ٿيو بلاول کان سوال ڪريان ٿو ته ڪراچي جا انسان ڪٿي آهن جن کي اوهان ڄاڻي واڻي ڪائونٽ ناهي ڪيو اسان جي ڳڻپ کائو ٿا ۽ چئو ٿا ڪراچي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته جماعت اسلامي کي سڀ کان گهڻا ووٽ ڏنا ويا اسان اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏئي رهيا آهيون ته هن چونڊ کي ڪالعدم ڪري هاءِ ڪورٽ وينداسين اتي ڪجهه نه مليو ته سپريم ڪورٽ وينداسين ڪنهن به چيئرمين تي الزام نه پيو لڳايان پر يا ته پي پي خريد ڪري يا ڏاڍ سان انهن کي روڪيو آهي هن چيو ته 23 تاريخ تي اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن اڳيان احتجاج ٿي رهيو آهي جيڪو پي پي جو باشعور ورڪر آهي اهو چئي رهيو آهي ته ڌانڌلي ٿي رهي آهي.










