ڪراچي جي ميئر جي چونڊ بابت ٺاهيل قانون عدالت ۾ چئلينج

ڪراچي جي ميئر جي چونڊ بابت ٺاهيل قانون عدالت ۾ چئلينج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ميئر جي چونڊ کان اڳ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ترميمي ايڪٽ تحت غير چونڊيل ماڻهن کي چيئرمين يا ميئر بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، لوڪل گورنمينٽ قانون موجب ميئر چونڊيل نمائندن مان هجڻ گهرجي درخواستگذار جو چوڻ آهي ته آئين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڍانچي کي واضح ڪري ٿو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تازي ترميم تحت 24 مئي جو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن غير قانوني قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو