ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پاران شهر جي نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ٻيو سٺو قدم کڻندي سڄي شهر ۾ کليل مين هولز تي ڍڪڻ جي مهم جو باضابطا آغاز ڪري ڇڏيو، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب مين هولز ڪورز مهم جي موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين، سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ۽ چيف انجنيئر سيوريج آفتاب چانڊيو موجود هئا، ان موقعي تي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو تہ سمورن ضلعن ۾ مين هولز ڪورز جي مهم باضابطا طور تي شروع ڪئي وئي آهي، پهرين مرحلي ۾ چار ضلعن سينٽرل، ويسٽ، ڪياماڙي ۽ ڪورنگي جڏهن تہ ۾ ٻئي مرحلي ۾ باقي ضلعن ۾ مين هولز ڪورز مهم هلائي ويندي، هن چيو تہ ته لاڳاپيل ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ چونڊيل يوسي چيئرمين جي نگراني ۾ مين هولز جا ڍڪڻ لڳايا ويندا، ان موقعي تي هن چيو اچو تہ پنهنجي شهر جي بهتري لاءِ پاڻ سڀئي گڏجي ڪري ڪم ڪريون ڇاڪاڻ تہ شهرين کي نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح ۾ شامل آهي، ميئر ڪراچي چيو تہ سڄي شهر ۾ نيڪالي واري نظام جي بهتري لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اسين مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو تہ واٽر ڪارپوريشن شهر جي بهتري لاءِ هڪ نئين عزم ۽ نئين سڃاڻپ سان بھتر انداز ۾ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.










