عادلپور (رپورٽ اسلم مھر)ڳوٺ دوست محمد بلو ۾ نا معلوم ھٿياربندن گھر ۾ داخل ٿي 22 ورھين جي نوجوان محمد ھاشم بلو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو,گھوٽڪي,بي سيڪشن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو,جڏھن ته بيدردي سان قتل ٿي ويل نوجوان جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ,نوجوان پاڪ آرمي ۾ سپاھي طور ملازم ھو جيڪو ڪجهه ڏينھن پھريان موڪل تي گھر آيل ھو, ھوڏانھن گھوٽڪي بي سيڪشن پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.










