موٽر وي ريپ ڪيس، جنسي ڏاڍائي ثابت، 20 گرفتار

موٽر وي ريپ ڪيس، جنسي ڏاڍائي ثابت، 20 گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) موٽر وي تي ٻارن جي سامهون عورت سان زيادتي واري ڪيس جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ عورت سان جنسي زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي. گجرپور لڳ پيش آيل زيادتي ڪيس ۾ 7 شڪي ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ به ڪرائي وئي آهي ۽ نتيجن جو انتظار آهي. ياد رهي ته 9 سپٽمبر تي رات جو لاهور کان گجرانوالا ويندڙ عورت جي گاڏي جو تيل ختم ٿي يو ته هن موٽر وي پوليس کي فون ڪئي جن کيس چيو ته ان بيٽ تي موٽر وي پوليس مقرر ناهي. عورت پنهنجي سوٽ کي فون ڪيو ۽ مڙس کي به فون ڪئي. مڙس جو انتظار ڪري رهي هئي ته اوچتو جهنگ مان 2 هٿياربند آيا جن گاڏي جو شيشو ٽوڙي عورت ۽ سندس ٽن ٻارن کي جهنگ ۾ وٺي وڃي ٻارن جي سامهون گينگ ريپ ڪيو. واقعي بعد سي سي پي او لاهور عمر شيخ چيو هو ته عورت کي رات جو سنسان روڊ تي وڃڻو نه کپندو هو. ملزمن کي گرفتار ڪرڻ بدران عورت کي قصوروار قرار ڏيڻ تي مٿس بيحد تنقيد ٿي. آءِ جي پنجاب ۽ وڏي وزير ڌار ڌار جاچ ٽيمون جوڙيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو