ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر سکر-حيدرآباد موٽر وي معاهدي جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خط لکي ڇڏيو، وڏي وزير جو چوڻهو ته موٽر وي جو اهم حصو حيدرآباد -سکر لنڪ ايم 6 اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو، ايم 6 سائٽ تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڳڻتي آهي، چاهيان ٿو ته وفاقي حڪومت لاڳاپيل اختيارين کي ايم 6 پراجيڪٽ کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري،خط ۾ چيو ويو آهي ته مضبوط رستن جو ڄار وڻج واپار، رابطن ۽ ترقي توڙي خوشحالي جو ضامن آهي، پشاور کان ڪراچي موٽر ويز جو نيٽ ورڪ انتهائي اهميت جي حامل آهي، موٽر وي ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن جي واپاري راهداري جو ذريعو آهي،خط ۾ چيو ويو ته ايم 6 موٽر وي چين، افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن کي ملائي ٿو، پشاور-ڪراچي موٽر وي جا سمورا روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن، سڀ کان اهم حصو حيدرآباد-سکر لنڪ اڃا تائين اڻپورو آهي، ايم 6 سائٽ تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڳڻتي آهي،نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته معاهدي جي ڀڃڪڙي اعليٰ اسٽريٽجڪ اهميت جي حامل منصوبي لاءِ صحيح ناهي، نگران وڏي وزير طرفان خط ۾ نگران وزيراعظم کان معاملي تي ذاتي دلچسپي وٺي منصوبو مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو










