پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) سکر کان ملتان موٽر وي به عوام لاءِ محفوظ نه رھيو رات دير سان ڏھن کان مٿي ھٿيار بندن موٽر وي کي پٿرن سان بند ڪري پنجاب کان سانگھڙ ويندڙ سانگھڙ واسي پنجن ڄڻن رفيق چاڪراڻي، صديق بھڻ، علي جان بھڻ، غلام علي بھڻ، دين محمد بھڻ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن مان ٽي ڄڻا ڀڄڻ مان ڪامياب ٿي ويا ۽ ٻن ڄڻن رفيق چاڪراڻي، صديق بھڻ کي اغوا ڪري ڪچي طرف دريا پار ڪري کڻي ويا.ڌاڻيلن جي چنبي مان ڀڄي نڪتل ٽي ڄڻان بائجي ٿاڻي تي موجود آهن ، جڏھن ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي طرف ويل آھي پوليس موجب ھٿياربند ٻنھي مغوين کي درياه پار طرف کڻي ويا آھن .










