فيض گنج (وسيم سولنگي) موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ نوجوان فوت سندس ڀاء زخمي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڪوٽ لالو رضا آباد لنڪ روڊ تي درگاهه سليم شاهه وٽ نامعلوم گاڏي موٽر سائيڪل سوارن ٻن ڀائرن امجد ۽ امير علي ولد خمسوخان مري کي ٽڪر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو زخمين کي علاج لاء اسپتال نيو پئي ويو ته هڪ زخمي 18 سال امير علي مري فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀاء 15سالن جي امجد مري کي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه متقل ڪيو ويو آهي جتي هن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي. ڪوٽ لالو مان باغ علي موجب ڏاچيون چاريندڙ ڌنارن ٻڌايو ته اوچتو بريڪ لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري حادثو پيش آيو آهي.










