موٽر سائيڪل: اهلڪار کان ڦر، صحافي جي چوري

ڪراچي(نمائندن وٽان) اوٻاوڙو ۾ نامعلوم ڦورو پوليس اهلڪار کان موٽر سائيڪل کسي ويا، اهلڪار جي مزاحمت تي کيس ڪٽڪو به ڏئي ويا. جڏهن ته ڪرمپور مان صحافي جي گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چاٻي چور ڪاهي فرار ٿي ويا. ٻنهي واقعن بابت لاڳاپيل ٿاڻن تي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. ***اوٻاوڙو مان غلام علي رند موجب پوليس اهلڪار منير احمد  فاروقي کان چورن موٽر سائيڪل سي ڊي 2018 ماڊل کسي ورتي مزاحمت تي اهلڪار سخت زخمي پوليس اهلڪار ڊيوٽي کان گهر واپس وڃي رهيو هوته گڊو روڊ تي 3 هٿياربندن مٿس حملو ڪري ڏنو  ۽ چورن کيس  سخت زخمي ڪري موٽر سائيڪل کسي فرار ٿي ويا اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس پهچي زخمي اهلڪار کي علاج لاء سول اسپتال کڻائي آئي آخري اطلاع تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو هو. ***ڪرمپور مان نامعلوم چاٻي چور بالاڻي محلي مان صحافي نيرج ڪمار خانواڻي جي گهر ٻاهران بيٺل 2016  سي ڊي موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا. صحافي پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو پر ڪا به پيش رفت نه ٿي سگهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو