موٽروي زيادتي ڪيس: ڦاهي جي سزا برقرار، ڏوهارين جون اپيلون رد

موٽروي زيادتي ڪيس: ڦاهي جي سزا برقرار، ڏوهارين جون اپيلون رد

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ موٽروي تي عورت سان اجتماعي زيادتي جي سنسني خيز ڪيس ۾ ڏوهاري عابد علي ۽ شفقت عرف بگا جي ڦاهي جي سزا خلاف داخل ڪيل اپيلون رد ڪندي ٽرائل ڪورٽ پاران ٻڌايل ڦاهي جي سزا برقرار رکي آهي. عدالت قرار ڏنو ته ڊي اين اي، ميڊيڪل ۽ فرانزڪ ثبوتن جوابدارن جي ڏوهه کي بنا ڪنهن شڪ جي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس سيد شهباز علي رضوي ۽ جسٽس طارق محمود باجوه تي مشتمل ٻن ميمبرن واري بينچ تفصيلي تحريري فيصلو جاري ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو ته متاثر عورت جو بيان انتهائي اهم ۽ ڀروسي جوڳي شاهدي آهي، جنهن جي تصديق ميڊيڪل، فرانزڪ ۽ ٻين سائنسي ثبوتن مان به ٿئي ٿي. عدالت قرار ڏنو ته ڊي اين اي رپورٽ مان ڏوهاري عابد علي جو ڏوهه ثابت ٿيو، جڏهن ته گاڏي مان حاصل ڪيل رت جي نمونن جو ڊي اين اي به جوابدار سان ملي ٿو. فيصلي موجب، فرانزڪ ثبوتن استغاثه جي ڪيس کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ سڃاڻپ پريڊ دوران ٻنهي جوابدارن جي صحيح سڃاڻپ به ٿي. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدارن عورت ۽ سندس ٻارن کي زبردستي گاڏي مان ڪڍي سنگين ڏوهه ڪيو، جيڪو نه صرف متاثر خاندان پر سڄي معاشري ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ جو سبب بڻيو؛ عدالت قرار ڏنو ته اهڙي گھناوني ڏوهه ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نٿي ڏئي سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اهو به قرار ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ پاران ڏنل ڦاهي جي سزا ڏوهه جي نوعيت ۽ سنگيني جي عين مطابق آهي، ان ڪري ان ۾ مداخلت جي ڪا به گنجائش ناهي. عدالت رياست پاران سزا ۾ واڌ واري اپيل کي به رد ڪندي ڏوهارين کي ڏنل عمر قيد جي سزا برقرار رکي.

پهنجو تبصرو موڪليو