مون تي انتهائي خطرناڪ ڪيس داخل ڪيو ويو: علي زيدي

مون تي انتهائي خطرناڪ ڪيس داخل ڪيو ويو: علي زيدي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)فراڊ ۽ ڌمڪيون ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي جو چوڻ آهي ته منهنجي خلاف انتهائي خطرناڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اهڙو اظهار تحريڪ انصاف اڳواڻ علي زيدي ڪراچي جي عدالت ملير ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي فائرنگ ڪئي وئي پر هن وقت تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.علي زيدي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته منهنجي خلاف هڪ اهڙي شخص طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کي سندس پاڻ پتو ناهي.اڳوڻي وفاقي وزير جو اهو به چوڻ آهي ته اها به خبر ناهي ته مدعي زنده آهي يا نه، رڳو ڪيس داخل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو