اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڻي جي معاملن بابت وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي کي گرفتار ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جنهن ايجنسي کي گرفتاري جي هدايت ڪئي وئي آهي تنهن جي هڪ سينئر آفيسر گجرات جي چوڌرين کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد چوڌري برادارن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي ان کي روڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي. مسلم ليگ (ق) غير اعلانيا طور حڪومت جي حمايت کان معذرت ڪئي آهي پر ان جو اعلان اڃا باقي آهي. ذريعن موجب پرويز الاهي کي جنرل فيض حميد جي عمران خان جي حمايت لاءِ فون ۽ بعد ۾ فيض حميد کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي خبرن بعد وزيراعظم مٿن ڪافي ڪاوڙيل آهي.










