لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ جي جج اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت مونس الاهي جي انٽرپول جي ريڊ نوٽيس تي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.لکت واري حڪم ۾ عدالت چيو ته ايف آءِ اي لاهور مونس الاهي جي ملڪيت منجمد ڪرڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي هئي، جنهن موجب ڪمپني جا ملڪيت، گاڏين جا شو روم ۽ شيئر منجمد ڪيا ويا هئا.عدالت جيل سپرنٽينڊنٽ کي ننڍي چونڊ لاءِ پرويز الاهي جي نامزدگي ڪاغذن تي دستخط ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته پرويز الاهي جي نامزدگي ڪاغذن تي دستخط ڪرڻ جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي. عدالت لکت واري حڪم ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










