مولانا فضل الرحمان پاران ملڪ ۾ نئين چونڊن جو مطالبو

مولانا فضل الرحمان پاران ملڪ ۾ نئين چونڊن جو مطالبو

پشاور: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام آباد ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ فوري طور تي نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان پنهنجي رهائشگاهه تي پنهنجي پارٽي جي ساٿين ۽ ورڪرن کي خطاب ۾ چيو ته موجوده نئين حڪومت وڌ کان وڌ هڪ سال هلي سگهي ٿي ۽ هن حڪومت جو حصو هوندي به جي يو آءِ جو پنهنجو هڪ موقف ۽ ڌارسڃاڻپ آهي. مولانا فضل الرحمان چيوته اسان عمران خان کي ته روانو ڪري ڇڏيو آهي پر قوم کي اها امانت واپس ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي جنهن جي لاءِ اسان جدوجهد ڪئي آهي. جيڪڏهن اهو سمجهيو پيو وڃي ته چونڊ نظام ۾ ڪوتاهيون آهن جنهن جو فائدو کڻندي چوندن ۾ ٻيهر ڌانڏلي ڪري سگهجي ٿي ته وقتي طور تي موجوده اسيمبلي جو فائدو کڻندي چونڊ اصلاحون ڪيون وڃن. جڏهن ته ٻيون اصلاحون به ڪري سگهجن ٿيون جنهن جي ڪري مسئلا پيدا ڪيا ويا آهن. هن چيوته مصحلت جي به حد هوندي آهي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ غير ضروري طور تي ڊيگهه ڏيڻ ڪنهن به طور تي جي يو آءِ جي جي پاليسي نٿي ٿي سگهي. اها اسان جي راءِ آهي جيڪا اسان پنهنجي اتحادين جي سامهون رکنداسين ته جيئن انهن جي آڏو اها صورتحال واضح ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو