موسميات کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

موسميات کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي 27 آگسٽ کان هڪ ٻئي چوماسي سسٽم تحت سنڌ ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ کان 27 آگسٽ دوران ملڪ جي مٿانهن ۽ وچين علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته چوماسي جو هڪ ٻيو سسٽم 27 آگسٽ کان سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب چوماسي هوائون ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، 27 کان 29 آگسٽ دوران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مينهن وسي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو