ايڏي وڏي قدرتي آفت ناهي ڏٺي، تمام گهڻي امداد جي ضرورت آهي: گوتريس

ايڏي وڏي قدرتي آفت ناهي ڏٺي، تمام گهڻي امداد جي ضرورت آهي: گوتريس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي، تباهي تمام وڏي پيماني تي ٿي آهي، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي تمام وڏي ۽ فوري امداد جي ضرورت آهي. نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ گهرجي، اڄ هي صورتحال پاڪستان لاءِ آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ايتري وڏي قدرتي آفت اڳ ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلين جي اثرن سان لکين پاڪستاني متاثر ٿيا آهن، ماڻهن جا گهر، روزگار، فصل تباهه ٿي ويا آهن، انهن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان کي ان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڏا وسيلا گهربل هوندا، 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، هي ايڪي جي اظهار جو معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان جيتري قدر پاڪستان متاثر ٿيو آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن عالمي برادري ان جي ساراهه ڪري ٿي، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور سهڪار ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو