مورو ۾ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر 3 ڄڻا زخمي

مورو(مورائي اياز سولنگي) نيشنل هاءِ وي تي تاج هوٽل وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽي ڄڻا نادر علي کوسو, مسمات حسينه کوسو ۽ معصوم نينگر عبد الرحمان کوسو شديد زخمي ٿي پيا جن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ٽنهي زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري نوابشاھ ريفر ڪيو ويو آھي هوڏانهن درس پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ اهڙي ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي ڃاڻايل زخمي مورو شھر جي گچيرو روڊ جا رهواسي هئا جيڪي نوشھروفيروز کان مورو اچي رهيا هئا ته اهڙو حادثو پيش آيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو