مودي بابت فلم،اسان دنيا ۾ آزاد پريس جي حمايت ڪريون ٿا:نيڊ پرائس

مودي بابت فلم،اسان دنيا ۾ آزاد پريس جي حمايت ڪريون ٿا:نيڊ پرائس

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ وزيراعظم نريندر مودي بابت برطانوي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن پاران ٺاهيل ڊاڪيومينٽري فلم ڏيکارڻ تي پابندي ۽ ان خلاف آمريڪا جو بيان سامهون اچي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي نشرياتي اداري جي 2 حصن تي ٻڌل دستاويزي فلم (هندستان: مودي سوال) ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 2002ع ۾ گجرات فسادن ۾ ان وقت جي وڏي وزير ۽ موجوده وزيراعظم نريندر مودي جي ڪردار تي سوال اٿاريا ويا آهن. رپورٽن مطابق ڀارتي حڪومت برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن پاران ڊاڪيومينٽري جي اسٽريمنگ ۽ شيئرنگ کي پروپيگنڊا قرار ڏيندي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.هاڻي ان حوالي سان ڀارت جي ڪارروائي تي آمريڪا جو موقف به سامهون اچي ويو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس ڀارت ۾ ڪيل ان قدم تي چيو ته اسان دنيا ۾ آزاد پريس جي حمايت ڪريون ٿا ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ وارا اصول اظهار ۽ مذهب جي آزادي جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا.نيڊ پرائس چيو ته اسان ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ اهو ڪم ڪندا آهيون.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان چيو ته جڏهن اسان کي ڀارت ۾ کنيل قدمن تي خدشا هئا ته اسان انهن کي اٿاريو.ان کان علاوه ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي پوليس وزيراعظم نريندر مودي بابت برطانوي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن پاران ٺاهيل ڊاڪيومينٽري فلم ڏيکارڻ تي دهلي يونيورسٽي جي شاگردن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو