اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته جيڪڏهن مودي ڪجهه وقت وڌيڪ اقتدار ۾ رهيو ته هندستان ورهائجي ويندو. مودي پنهنجي ساک برقرار رکڻ لاءِ اقليتن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي.ڳالهه ٻولهه دوران خواجه محمد آصف چيو ته هندستان ۾ مسلمانن، عيسائين ۽ سکن خلاف ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن. اقليتن کي نشانو بڻائڻ هندستان ۾ رياستي پاليسي بڻجي چڪي آهي.خواجه آصف چيو ته مودي کي مذهبي ۽ انساني قدرن جو ڪو به احترام ناهي. گجرات جي وڏي وزير جي حيثيت سان مودي پنهنجا هٿ مسلمانن جي رت سان رنگيا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن حڪمران جي سي وي ۾ اهڙا خوفناڪ ڏوهه هجن ته سڄو هندستان خطري ۾ آهي. هندستان ۾ ڪرسمس تي عيسائين سان بدسلوڪي ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪرسمس جون تقريبون سرڪاري سرپرستي ۾ منعقد ڪيون ويون.










