موبائلن جي دڪان کي باهه،لکين روپين جو نقصان

ڊرگھ بالا (ن سنڌيار)ڊرگھ بالا شھر ۾ مستري رفيق لغاري جي موبائيل ۽ ٽيلويزن رپيئرنگ جي دڪان کي اوچتو رات جو اڍائي وڳي بجلي جي تارن مان نڪرندڙ باھ سڄي دڪان کي باھ وڪوڙي وئي دڪان ۾ پيل رپيئرنگ لاء لکين روپين جون موبائيلون ۽ ٽيلويزنون سڙي رک ٿي ويو پورھيت مستري سخت پريشان.تفصيل موجب : ڊرگھ بالا شھر ۾ گذريل رات اڍائي وڳي وچ بازار ۾ موبائيل ۽ ٽيلويزن جي دڪان کي اوچتو بجلي جي تارن مان نڪرندڙ باھ سموري دڪان ۾ پيل سامان ساڙي رک ڪري ڇڏيو پورھيت مستري رفيق لغاري صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته دڪان تي آيل رپيئر لاء موبائلون ٽيليويزنون سولر پليٽون يو پي ايس بيٽرين جا چارجر ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو تقريبن ماڻھن جو پيل سامان ٽن لکن تائين آھي مان مسڪين پورھيو ڪري پيٽ پنھجن جو پيٽ گذر ڪندو آھيان مون ڪا وصيت نه آھي جو سامان وٺي دڪان ھلائي سگھان يا ماڻھن جو ٿيل نقصان ڀري سگھان مستري رفيق لغاري ڊي سي او دادو ۽ ٻين وس وارن کي مدد جي گذارش ڪيان ٿو خدارا منھنجي مدد ڪئي وئي جئين مان ٻيھر پنھنجن ٻجن جي روزي ڪري سگھان ۽ ماڻھن جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري سگھان.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو