مهمان پکين جي آم جاري، شڪاري سرگرم، منٿلي مقرر

مهمان پکين جي آم جاري، شڪاري سرگرم، منٿلي مقرر

سانگهڙ (ن س)پرديسي پکين جي آمد شروع ٿيندي شڪاري به ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا انتظاميا توڙي وائلڊ لائف عملو خاموش تماشائي بڻيل آهي،چوٽياريون لڳ ايٽپار ڍنڍ ڳاڙو بڙو ٻوڙيجي ڏوگريون ڍنڍ ڪنگل ڍنڍ کاڻي سميت ٻين ڍنڍن تي پرديسي پکين جو شڪار ٿيڻ لڳو پکين جي نسل ڪشي ڪندڙ شڪارين کي کلي ڇوٽ مليل آهي،پرديسي پکين سميت باز پڪڙڻ لا۽ 42 کڏا لڳل في کڏي تي گيم وارڊن پاران منٿلي مقرر ڪرڻ جا چوٻول، اهم ذريعن موجب چوٽياريون گيم وارڊن جي سرپرستي م ٿيندڙ شڪار ۾ باز جو شڪار ايٽپار م اشرف شر باز مادي پڪڙي ورتي جيڪا 35 لک م ويڪرو ٿيڻ جا چوٻول باز جي شڪارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي علائقي واسين ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته جلد پکين جي اسمگلنگ ڪندڙ گينگ کي گرفتار ڪري پکين کي اسمگلنگ ٿيڻ کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو