مهانگين هائوسنگ سوسائٽين ۾ اضافو خطرناڪ قرار

مهانگين هائوسنگ سوسائٽين ۾ اضافو خطرناڪ قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جو چوڻ آهي ته وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ پارلياماني بالادستي کي نقصان پهچايو آهي ۽ مهانگي هائوسنگ سوسائٽين جو اڀار پريشان ڪندڙ آهي ڇو ته ان سان زرعي زمينون ضايع ٿينديون. ايڇ آر سي پي جي ڇهن مهينن واري اجلاس ۾ ملڪ جي خراب معاشي صورتحال، چائلڊ ليبر ۽ غربت سبب خودڪشين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي چيو ته معاشي نابرابري کي گهٽائڻ لاءِ فوري زرعي سڌارا آڻڻ گهرجن، مهانگي هائوسنگ سوسائٽين ۾ اضافو پريشان ڪندڙ آهي ڇو ته ان سان زرعي زمينن جو نقصان ٿيندو.ايڇ آر سي پي موجب آدمشماري بابت خدشن ۽ ڳڻپ مڪمل نه ٿيڻ جي الزامن کي نظر ۾ رکيو وڃي، سمورن صوبن ۾ مقامي حڪومتن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻايو وڃي.عدليه جي احتساب واري نظام کي موثر بڻايو وڃي ۽ ججن جي مقرري ۾ شفافيت آڻي.ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جا وڌندڙ امڪان به پريشاني جو باعث آهن، رياست کي گهرجي ته هو ڪمزور طبقن جي حقن جي تحفظ لاءِ منظم ڪوششون ڪن.هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان وڌيڪ چيو ته پروٽڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021 تحت صحافين جي تحفظ لاءِ قائم ڪيل ڪميشن کي فعال ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو