مهانگائي هڪ هفتي ۾ وڌي ٿي

مهانگائي هڪ هفتي ۾ وڌي ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ مهانگائي ۾ هن هفتي وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽماٽا، مٽن، انڊا ۽ گهي سميت 25 ضروري شيون مهانگيون ٿي ويون آهن.ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح هڪ هفتي دوران 0.43 سيڪڙو وڌي وئي، مجموعي شرح 15.86 سيڪڙو ٿي وئي.شماريات اداري موجب هلندڙ هفتي اٽي ۽ کنڊ سميت 4 ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.تازن هفتن ۾ ٽماٽر 24.17 رپيا في ڪلو، پياز 8.24 رپيا في ڪلو ۽ انڊا 4.98 رپيا في درجن وڌي ويا آهن.شماريات واري اداري موجب هفتيوار مهانگائي جي مجموعي شرح 15.86 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو