مهانگائي جيئڻ محال ڪري ڇڏيو، اگهه گهٽرايو

مهانگائي جيئڻ محال ڪري ڇڏيو، اگهه گهٽرايو

سانگھڙ(رپورٽ ذوالفقارشاھ)سڄي سنڌ جيان سانگهڙ ۾ به مهانگائي چوٽ چڙھي وئي غريب عوام ويلا ڪاٽڻ تي مجبور ڪنھن به نوٽيس نه ورتو. اٽي، کنڊ، دالين، دوائن ۽ ڀاڄين سميت عام واهپي جي روز مرھ جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، خلق پريشان آهي. چوٽياريون ٽنڊومٺاخان پيرونمل، 18 ميل، دلشاخ، الشھباز موڙ، پنيري، سرنواري، ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ وڌندڙ مهانگائي غريب شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون ۽ سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي وڌندڙ مهانگائي جي چڪي ۾ غريب ماڻهو چڪي جيان پيسجي رهيا آهن، وفاقي حڪومت پاران بار بار تيل گيس ۽ بجلي ۽ دوائن جا اگهه وڌائڻ کان پوءِ وڏن واپارين ۽ ڪارخاني دارن ملي ڀڳت ڪري هٿ ٺوڪيا ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. اٽو 65 کان 70 روپيا ڪلو پڪوان آئل 220 ۽ کنڊ95 کان100 روپيا، کير 100 کان 120 روپيا وڪامڻ لڳو، ننڍو گوشت 900 روپيا، وڏو گوشت 400، مرغي 300، مڇي 350، کان 500 روپيا، ٽماٽا 200، بصر 80، ميها 80، ڀنڍي 150 روپيا، سنڌي گوار 100، پٽاٽا 50، ڳاڙها مرچ 800 روپيا، بِھ 150، داليون 250 کان 300 روپيا تائين في ڪلو وڪرو ٿي رهيون آهن، انهي سلسلي ۾ غريب شهرين جو چوڻ آهي ته چوٽياريون ۽ ڀرپاسي جي شھرن اندر گوشت، مڇي، پلو، مرغي غريب ماڻهن جي کائڻ کان ته وڏو آهي پر غريب ماڻهو پورهيت ۽ مزدور دال کائڻ کان به قاصر آهن. هتان جي شهرين، مزدورن، پورهيتن مسڪين ماڻهن مطالبو ڪندي چيو آهي ته مهانگائي تي فوري طور ڪنٽرول ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو