مهانگائي جو حل عمران خان مان ڇوٽڪارو آهي،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو صرف هڪ ئي طريقو آهي ته ملڪ کي عمران خان مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان وڏا وڏا دعويٰ ڪري اقتدار ته سنڀاليو پر هو ملڪ هلائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي. عمران خان کي خبر ئي ناهي ته ملڪ  جا تقريبن اڌ ڪاروباري ادارا پنهنجي ملازمن جي هڪ چوٿائي پگهار گهٽ ڪري چڪا آهن. صرف هڪ سال ۾ عمران خان حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب 25 لک پاڪستاني غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 25 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. جڏهن کان عمران خان وزيراعظم بڻيو آهي صرف اٽي جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مافيا جي سرپرست عمران خان اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري غريبن جي وات مان ماني جو گرهه ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معاشي ترقي جو پيمانو جي حضوري ڪندڙ آفيسرن جون رپورٽون نه پر عام ماڻهو جي چهري تي مسڪراهٽ سان هوندي آهي. جنهن ملڪ جي وزيراعظم کي ڪشڪول کڻڻ کان علاوه ڪجهه ٻيو نه ايندو هجي اهو ڪيئن مهانگائي جو خاتمو ڪندو.مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو بس هاڻ هڪ ئي طريقو آهي ته عمران خان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو