مني لانڊرنگ ريفرنس: وزيراعظم ۽ حمزا بي گناهه قرار

مني لانڊرنگ ريفرنس: وزيراعظم ۽ حمزا بي گناهه قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور جي احتساب عدالت جي جج قمر الزمان شهباز شريف، حمزا شهباز ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.شهباز شريف جو نمائندو انور حسين عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پيشي مڪمل ڪئي.نيب مني لانڊرنگ ريفرنس جي ضمني رپورٽ لاهور جي احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ شهباز شريف، حمزا شهباز ۽ ٻين کي مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بيگناهه قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو