منهنجو مقصد ٻئي ڊاڪٽر جي پوسٽنگ يا ترقي ۾ رڪاوٽ بنجڻ ناهي

منهنجو مقصد ٻئي ڊاڪٽر جي پوسٽنگ يا ترقي ۾ رڪاوٽ بنجڻ ناهي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڌيءَ ۽ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر نگهت شاهه کي رٽائرڊ ٿيڻ کان صرف هڪ ڏينهن اڳ صوبائي ڪابينه جي فيصلي جي روشني ۾ 3 سالن جي لاءِ پروفيسر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.تفصيل موجب صوبائي ڪابينه جي تجويز ۽ هدايتن جي روشني ۾ اڳوڻي وڏي وزير جي ڌيءَ کي رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. صوبائي ڪابينه جي فيصلي موجب ڊاڪٽر نگهت شاهه کي 3 سالن لاءِ بطور پروفيسر مقرر ڪيو ويو جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي نياڻي ملازمت جي مدي ۾ واڌ تي جي ايس ايم يو جي سينئر ايسوسيئيٽ پروفيسر خدشن جو اظهار ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ٻين کي خط لکي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب خط ۾ پروفيسرز لکيو آهي ته ٻيهر مقرري پي ايم ڊي سي جي 19 مئي جي نوٽيفڪيشن جي تحت ڪئي وئي آهي. پي ايم ڊي سي جي 19 مئي جي نوٽيفڪيشن جي ٻئي پيرا کي نظر انداز ڪيو ويو. ترقي جي اوسيئڙي ۾ 6 ايسوسيئيٽ پروفيسر جون ترقيون متاثر ٿي رهيون آهن اهل ايسوسيئيٽ پروفيسر کي نظر انداز ڪرڻ سان اداري جو غلط تاثر وڃي رهيو آهي.هاڻ انهي معاملي تي مختلف حلقن طرفان سوال اٿارڻ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير وضاحت جاري ڪندي چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر نگهت شاهه جي مقرري مڪمل طور تي ڪنٽڙيڪٽ ۽ مقرر پاليسي فريم ورڪ جي بنياد تي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر نگهت شاهه جي مقرري طبي تدريسي ادارن ۾ تجربيڪار پروفيسر جي مقرري بابت جي پي ايم سي جي گائيڊ لائين موجب آهي.هاڻ انهي معاملي تي ڊاڪٽر نگهت شاهه جو به رد عمل سامهون اچي ويو آهي نجي چينل سان خصوصي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته منهنجي قابليت ۽ محنت جو سياست سان ڪوبه تعلق نه آهي. ڊاڪٽر نگهت شاهه چيو ته مان اوهان جي ٿورائتي آهيان ته اوهان صرف خبر هلائڻ جي بجاءِ تحقيق ڪرڻ مناسب سمجهو. مان هڪ ايف سي پي ايس ۽ ايف آر سي او جي(رائل ڪاليج) پروفيسر آهيان ۽ جناح اسپتال ۾ هن وقت ڪوبه ٻيو ايف آر سي او جي نه آهي. مان ميڊيڪل ايجوڪيشنٽ آهيان، ماسٽرز ڪري چڪي آهيان ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالر به آهيان.هن چيو ته اسان ڪينيڊا سان گڏجي 2 عالمي جاچ منصوبا شروع ڪيا آهن. جنهن جي ماليت 20.000 ڊالر آهي جيڪو ويم جي دوران مائرن جون فوتگيون ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا مائرن تي تحقيق ڪري رهيا آهن.2022 تائين هتي جون حالتون خراب هيون، هر ڪال تي تقريبن پنج ٻار مري ويندا هئا، مون ڊاڪٽر جمال رضا جي مدد سان هتي نيڪيو شروع ڪرايو جنهن کان پوءِ 6 کان 8 مهينن ۾ ٻارن جي فوتگين جي شرح تقريبن ختم ٿي وئي.پنهنجي ڳالهين کي جاري رکندي هن چيو ته هتي اهي عورتون اينديون آهن جنهن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هوندي آهي. اسان انهي جي لاءِ ڪريٽيڪل ڪيئر يونٽ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ٽيم کي سرجيڪل ۽ ميڊيڪل آئي سي يو ۾ خصوصي تربيت ڏياري ته جيئن اهي سيپٽڪ شاڪ ۽ ڪارڊيوجينڪ شاڪ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي.هن چيو ته اسان ڪارڊيو ڊپارٽمينٽ سان تعاون ڪيو آهي ته جيئن دل جي مرض ۾ مبتلا مائرن جو علاج ٿي سگهي انهي کان علاوه هتي ڪينسر ۽ ٿيلسيميا جي حوالي سان به جديد ۽ مفت علاج فراهم ڪيو پيو وڃي.سياسي وابستگي ۽ انهي حوالي سان تنقيد جي سوال تي هن چيو ته مون تي الزام لڳايا پيا وڃن ته مون ٻين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي. حالانڪه مان جتي پريڪٽس ڪندي آهيان(آغا خان وغيره) اتي ڪنهن کي به خبر ناهي ته منهنجو والد ڪير آهي. منهنجي والد اسان کي حلال جي ڪمائي ۽ عزت سان جيئڻ سيکاريو آهي، خدمت جو اهو جذبو اسان کي انهي کان مليو آهي، مان پنهنجي جونيئرز ڊاڪٽرن کي سيکاريندي آهيان ته مريض جي عزت سڀني کان پهريان آهي.ڊاڪٽر نگهت شاهه چيو ته منهنجي رٽائرمينٽ 12 آگسٽ تي ٿي ۽ مون کي جيڪا واڌ ملي آهي اها مڪمل طور تي پي ايم ڊي سي جي قانون موجب آهي، اهو معاملو ايڊووڪيٽ جنرل ۽ لا ڊپارٽمينٽ مان ٿي آيو آهي ۽ اها سمري ڇهن مهينن کان هلي رهي هئي. حقيقت اها اها آهي ته سياسي پس منظر سبب مون کي اڳيان وڌڻ جي بجاءِ اڪثر پوئتي ڌڪيو ويندو آهي. جناح اسپتال ۾ هن وقت پروفيسر جي گهٽتائي آهي مان ڪنهن جي سيٽ تي ويهڻ نٿي چاهيان پر مان چاهيان ٿي ته وڌيڪ ماڻهو پروفيسر بڻجن ۽ نوان يونٽ کلن.

پهنجو تبصرو موڪليو