ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪوڪين ڪوئن انمول عرف پنڪيءَ کي منشيات ۽ قتل سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو.پوليس موجب جوابدار عورت کي سخت سيڪيورٽيءَ ۾ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ قائم جوڊيشل ڪمپليڪس آندو ويو، جتي عدالت ۾ درخشان، گزري ۽ بغدادي ٿاڻن جا تفتيشي آفيسر (IOs) پڻ پيش ٿيا.تفتيشي آفيسرن عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار عورت کان جاري تفتيش ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ وڌيڪ معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي.تفتيشي آفيسر جي مطابق، جاچ جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪيس کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي درخواست پڻ ڪئي وئي.ان کانپوءِ، عدالت جوابدار عورت کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليندي ڪيسن جي تفتيشي آفيسرن کي مقدمي جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ياد رهي ته جوابدار عورت پنڪيءَ کي پوليس مجموعي طور تي 18 ڪيسن ۾ ريمانڊ لاءِ (عدالت ۾) پيش ڪيو هو.










