منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ ساحر حسن جي ضمانت منظور

منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ ساحر حسن جي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ منشيات جي وصولي ڪيس ۾ ملزم ساحر حسن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عدالت ملزم ساحر کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان کان اڳ، گذريل مهيني، جاچ آفيسر جڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي ڏکڻ جي عدالت ۾ ملزم ساحر حسن خلاف منشيات جي وصولي ڪيس ۾ عبوري چالان پيش ڪيو هو.چالان جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ملزم منشيات جي وڪرو مان پئسا پنهنجي پيءُ جي مئنيجر جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.عبوري چالان موجب، ملزم جي پيءُ جي مئنيجر کي پنهنجو دفاع پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو، ۽ مئنيجر کي بينڪ اسٽيٽمينٽ ۽ بيگناهي جا ثبوت پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. مئنيجر اڃا تائين پنهنجي بيگناهي ۽ بينڪ اسٽيٽمينٽ جا ثبوت جمع نه ڪرايا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو