منشيات، بدامني ۽ سماجي برائين خلاف شھرين پاران احتجاج

دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ منشيات، بدامني ۽ ٻين سماجي برائين خلاف سوين شھري رستن تي اچي ويا.!! شھري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سرڪاري اسپتال کان پنڃاري پل تائين احتجاجي ريلي. پ پ ايم اين اي سيد اياز شاھ شيرازي پاران منشيات، بدامني ۽ ٻين برائين جي خاتمي لاء شھرين سان ڳالھيون، يقين دھاني، شھري ايڪشن ڪميٽي طرفان ھيروئن، آئيس، چرس آفيم، ڪچو شراب ۽ ٻين سماجي برائين سميت بدامني خلاف ايس ايس پي آفيس سجاول آڏو احتجاجي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان. تفصيل موجب دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ پوليس انتظاميا جي سرپرستي ھيٺ ھلندڙ منشيات شھر ۾ وڌندڙ بدامني جي وارداتن ۽ ٻين مسئلن خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي واپاري ۽ مذھبي ڌرين سان لاڳاپيل اڳواڻن عبدالقيوم سومرو، حاجي خان عباسي، نظير سومرو، اعجاز اختر ميمڻ، نظام ميمڻ، علي رضا ڪڇي ميمڻ، وفا ميمڻ، اقبال سومرو، رشيد آزاد، ڊاڪٽر عبدالخاق ميمڻ، ڪامريڊ عزيز سومرو، حبيب الله ميمڻ، شاھد شاھ، علي محمد پرويز، نواز سومرو، علي اڪبر عيساڻي، محبوب چوھاڻ، وقاص مھدي، امر منصور چوھاڻ، انور ملاح، عبدالحميد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن ھٿن ۾ بينر ۽ پينافليڪس کڻي سرڪاري اسپتال کان پنڃاري پل تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. جنھن سبب ڪيترائي ڪلاڪ دڙو، سجاول، ٺٽو، ڪراچي روڊ بند ٿي ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته علمي، واپاري ۽ ثقافتي حوالي سان مشھوري ماڻيندڙ تاريخي شھر دڙو ھن وقت منشيات ۽ ٻين سماجي برائين جو مرڪز بنجي ويو آھي. شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس انتظاميا جي سرپرستي ھيٺ ھلندڙ ھيروئن، آئيس، ڪچو شراب، آفيم ۽ ٻين سماجي برائين شھر جي نوجوان نسل کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته شھر جا تقريبن ساڍا 3 سو جي لڳ ڀڳ نوجوان ھيروئن ۽ آئيس جا آڌي موالي ٿي ويا آھن. پوليس انتظاميا کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود منشيات بند ٿيڻ بدران ان جي وڪري ۽ استعمال ۾ رڪارڊ اضافو ٿيندو پيو وڃي. ھنن چيو ته شھر ۾ پوليس جي ڪابه رٽ ناھي. روزانو موٽرسائيڪلن جي چورين ۽ دوڪانن گھرن مان کاٽن جون وارداتون ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آھي. اھڙي صورتحال سبب شھري سخت پريشان آھن. ھنن اعلان ڪيو ته منشيات بدامني ۽ ٻين سماجي برائين جي خاتمي لاء جيڪڏھن انتظاميا تحرڪ نه ورتو ته ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻنداسين. ان موقعي تي حد جي چونڊيل پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي مظاھري ڀرسان لنگھڻ دوران پريس ڪلب دڙو جي صدر اعجاز اختر ميمڻ ۽ علي اڪبر عيساڻي سان ڳالھيون ڪري کين يقين ڏياريو ته دڙو مان منشيات ۽ ٻين سماجي برائين ۽ بدامني جي خاتمي لاء پوليس جي اعلي اختيارين سان ڳالھائيندو ۽ شھرين جي جان مال لاء 5 سرڪاري چوڪيدار مقرر ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو