منزه حسن تحريڪ انصاف کان ڌار

منزه حسن تحريڪ انصاف کان ڌار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ منزا حسن پارٽي کان ڌار ٿي وئي آهي.هڪ بيان ۾ منزا حسن چيو آهي ته هوءَ 9 مئي جي واقعن ۽ فوجي ۽ سرڪاري عمارتن کي نقصان پهچائڻ جي سخت مذمت ڪري ٿي.منزا حسن جو چوڻ آهي ته جيڪو ٿيو غلط ٿيو جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها، اسان کي سمورن ادارن جو احترام ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته هڪ محب وطن پاڪستاني جي حيثيت سان مونکي پنهنجي فوج تي فخر آهي، جيڪو ڪجهه ملڪ ۽ ادارن کي نقصان پهچائي اهو افسوسناڪ آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان رياست جي بقا اسان جو فرض آهي، مان پاڻ کي تحريڪ انصاف کان ڌار ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو