خانپورمهر(رپورٽ آفتاب سيال) خانپورمهر۾ هٿراڌو مهانگائي جو طوفان، منافعي خور لالچي دڪاندارن عام واهپي جي شين جا هٿراڌو ٻيڻا اگهه مقرر ڪري وچولي ۽ غريب طبقي جي ماڻهن کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو، منافعي خورن پاڻ ۾ گڏجي هڪ يونين به قائم ڪري ورتي، انتظاميه منافعي خورن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي, شهرين ۽ ڳوٺاڻن پاران ڊي سي گهوٽڪي ۽ اي سي خانڳڙھ کان اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ منافعي خورن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ،خبر موجب خانپورمهر ۾ منافعي خور واپارين ۽ لالچي دڪاندارن هٿراڌو مهانگائي جو طوفان آڻي وچولي ۽ غريب طبقي جي خريدارن کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي واپارين ۽ دڪاندارن عام واهپي جي شين کنڊ، گيھ، اٽو، دالين، پتي، سبزي ۽ فروٽن جا هٿراڌو مقرر ڪري ڇڏيا آهن منافعي خور ۽ لالچي دڪاندارن عام واهپي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عمل ڪرڻ بدران پنهنجا ٻيڻا ٽيڻا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن ان کان علاوه مختلف دڪانن تي غير معياري شين جو به وڪرو سرعام ٿي رهيو آهي لالچي دڪاندارن عام واهپي جي شين جي سرڪاري اگهن واريون لسٽون پڻ غائب ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته منافعي خور دڪاندارن پاڻ ۾ ايڪي جو اظهار ڪندي هٿراڌو يونين پڻ قائم ڪري آساني سان بنا خوف جي عوام کي لٽي ڦري تباھ ڪري رهيا آهن پر هن مهل تائين منافعي خورن خلاف انتظاميه ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي جنهن سبب غريب طبقي جا ماڻهو سخت پريشان آهن ان سلسلي ۾ خانپورمهر جي مقامي رهواسين توڙي آسپاس جي ڳوٺاڻن ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي, اسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ،مختيارڪار خانڳڙھ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور خانپورمهر شهر ۾ هٿراڌو مهانگائي جو طوفان آڻيندڙ منافعي خور دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري عام واهپي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائي منافعي خورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










