ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 54 مريض  فوت

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 54 مريض فوت

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 54 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 1هزار300 کان وڌيڪ نوان  ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 31هزار786 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا  جن مان 1هزار353 ماڻهن ۾  ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي  ۽ 54 مريص ڪورونا سبب فوت ٿي ويا آهن.سرڪاري پورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 13هزار281 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 5لک93هزار453 تائين پهچي ويو آهي ، جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 16هزار349 آهي.ان کان علاوه  سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران  3هزار365 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن  جو ڪل تعداد 5لک63هزار823 ٿي چڪو آهي.سرڪاري رپورٽ مطابق  سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک59هزار956 ٿي چڪو آهي جڏهن ته هينئر تائين 4هزار436 مريض فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک78هزار648  ٿي چڪو آهي ۽ 5هزار600 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار121  آهي ۽ 201 فوت ٿي چڪا آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 74هزار 167 آهي  ۽ 2هزار118 فوت ٿي چڪا  آهي جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعداد  10هزار626 آهي ۽ 313 ماڻهو ن فوت ٿي ويا آهن ان کان علاوه  گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 4هزار959  آهي ۽ 102 مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 45هزار976 آهي ۽ هن وقت تائين 511 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو