ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 53 مريض فوت

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 53 مريض فوت

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 53 ڄڻا فوت ۽ 1هزار302 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 37 هزار کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار302 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب  53 ماڻهو فوت ٿي ويا.سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪري فوتگين جو انگ 11هزار886 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيس 5 لک 18هزار045 تائين پهتا آهن جڏهن ته فعال ڪيسز جو انگ 32هزار454 آهي.ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 1هزار684 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿيا آهن جنهن کانپوءِ مجموعي طور صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 75هزار002 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو