اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 144 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته 24ڪلاڪن دوران 5هزار870نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل 24ڪلاڪن دوران 5هزار870نوان ڪيس رپورٽ ٿياآهن جڏهن ته 144ڄڻا فوت ٿي وياآهن ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 7لک841هزار08ٿي ويو آهي، سرڪاري انگ اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 84هزار 976 آهي، جڏهن ته 4هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، گذريل 24ڪلاڪن دوران 685ڪورونا مريض صحتياب ٿي ويا آهن.










