اسلام آباد (بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا.ملڪ ڪورونا مريضن جي لسٽ ۾ 51 هين نمبر تي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا ڪيس جي شرح 2.24 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 779 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان 182 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 30 هزار 428 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو انگ 15 لک 44 هزار 910 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 22 هزار 999 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 29 لک 56 هزار 82 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.










