اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 93 سيڪڙو تائين پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت سينيٽ ۾ لکت واري جواب ۾ چيو ته 2020ع ۾ ملڪ جي 29 شهرن مان پيئڻ جي پاڻي جا نمونا ورتا ويا ۽ پاڻي جي نمونن موجب ملڪ ۾ مجموعي طور پيئڻ جو پاڻي 61 سيڪڙو غير محفوظ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي مان ورتل نمونن ۾ 93 سيڪڙو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، نوابشاهه مان ورتل پاڻي جا 100 سيڪڙو نمونا غير محفوظ هئا، جڏهن ته گلگت ۽ ميرپورخاص مان پاڻي جا ورتل سمورا نمونا پڻ 100 سيڪڙو غير محفوظ هئا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت موجب ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جا 93 سيڪڙو نمونا غير محفوظ آهن، جڏهن ته سکر ۾ 67 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 80 سيڪڙو ۽ بدين ۾ 92 سيڪڙو پاڻي جا نمونا غير محفوظ آهن.لکت واري جواب ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جا 29 سيڪڙو نمونا غير محفوظ آهن جڏهن ته بهاولپور ۾ 75 سيڪڙو، ملتان ۾ 94 سيڪڙو، سرگوڌا ۾ 83 سيڪڙو، لاهور ۾ 31 سيڪڙو، قصور ۾ 10 سيڪڙو، مظفر آباد ۾ 70 سيڪڙو ۽ ڪوئيٽا ۾ 65 سيڪڙو پاڻي جا نمونا غير محفوظ آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت موجب گجرات ۽ سيالڪوٽ مان حاصل ڪيل پاڻي جا سمورا نمونا محفوظ آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن مان پاڻي جا نمونا ورتا ويا آهن.










