اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان ۾60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي مهم جي شروعات 10 مارچ کان ٿي رهي آهي.وفاقي وزير اسد عمر طرفان ٽوئٽ ۾ چيو ويو آهي ته اربع 10 مارچ کان 60 سال ۽ ان کان وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ ويڪسينيشن جي عمل جي شروعات ٿي ويندي. وڏي عمر جي ماڻهن کي ويڪسين عمر جي حوالي سان ريورس آرڊرز ۾ لڳرائي ويندي.يعني وڏي عمر وارن ماڻهن جنهن اندراج ڪيو آهي ان کي ويڪسين پهريان لڳائي ويندي. ان حوالي سان وڌيڪ تفصيلن کان 6 مارچ تي آگاهه ڪيو ويندو. ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 90 هزار 508 ٿي چڪو آهي جڏهن ته هن وبا سبب هينئر تائين 13 هزار 205 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.










