چين مان 15 لک ويڪسين جا ڊوز پهچي ويا آهن، اسد عمر

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ايندڙ هفتي پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جو نئون رڪارڊ قائم ٿيندو. هن ٻڌايو ته گذريل ٻن ڏينهن کان ملڪ جي وڏن ويڪسينيشن سينٽرز مان ويڪسين جي کوٽ جون خبرون اچي رهيون آهن.  15 لک ويڪسين جي کهيپ اڄ  چين مان پهچي وئي آهي. جڏهن ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ملڪ ۾ وڌيڪ 50 لک ڪورونا ويڪسين جون  خوراڪون  پهچي وينديون. اسد عمر چيو آهي ته 12 کان 18 جون جي دوران سموري ملڪ ۾ 23 لک شهرين کي ويڪسين لڳائي وئي. اهڙي طرح روزاني 3 لک 32 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ويڪسينيشن  ڪئي وئي.ايندڙ هفتي پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جو نئون رڪارڊ قائم ٿيندو. واضح رهي ته ڪورونا ويڪسين جي کوٽ سبب سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ ڏينهن جي لاءِ ويڪسينيشن روڪي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو