ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اليڪشن ضرور ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اليڪشن ضرور ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

لنڊن (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي.ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ضرور چونڊون ٿيڻ گهرجن، پوري قوم ان تي متفق آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جو مورال بلند آهي ۽ هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منٽن ۾ ضمانت ڏيڻ ٻٽو معيار آهي جيڪو ڪير به پسند نه ڪندو، انصاف ٿيندو ته ڏٺو وڃي پر سڀني کي ڏسڻ گهرجي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ، پارليامينٽ ۽ ٻيا ادارا گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪن.آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ ٻين چيلنجز کي به حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو